پراڻي سنگرار1

پراڻي سنگرار-1: هي تاريخ کان اڳ واري دؤر هڙاپا دور جو دڙو 270 36' 55" اتر ۾ 690 05' 00" موزا سنگرار ڳوٺ، تعلقي روھڙي، ضلعي سکر ۾ آهي. ھي ماڳ ڳوٺ سنگرار کان ٻه ڪلو ميٽر اولهه ۾ آھي. دڙي تي ٿورا گھڻا ٺڪر پکڙيل آھن. دڙي جي ماپ ڏکڻ اتر 187 ميٽر ۽ اوڀر اولهه 80 ميٽر آھي. ملندڙ وٿن ۾ ٺڪراٺو سادو ۽ چٽيل ٻنھي قسمن جو ملي ٿو، ان کان سواءِ دڙي تي ڀڳل ٺِڪر جون چلمون، پيالا وغيره پکڙيل آھن. ڪجهه ٿانون تي چٽن جا نشان به ملن ٿا.


هن صفحي کي شيئر ڪريو